ڪي اليڪٽرڪ کي گردشي قرض جي حڪومت 58 ارب فوري واپس ڪرڻ جو حڪم

0
125

سينيٽ جي توانائي بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي ڪي اليڪٽرڪ کي گردشي قرض جي حڪومت 58 ارب فوري واپس ڪرڻ جو حڪم ڏنو

اسٽينڊنگ ڪاميٽي پاور جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪي اليڪٽرڪ جون اختياريون 2008 ۾ ڪمپني جا گردشي قرض ٻڌائڻ ۾ ناڪام رهيون

رپورٽ موجب ڪاميٽي جي ميمبرن ڪي اليڪٽرڪ جي اختيارين کي چيو ته ايجنڊا هجڻ باوجود تياري نه ڪري اچڻ فراڊ آهي، ايندڙ اجلاس ۾ چيڪ کڻي اچي ميڊيا سامهون قوم حوالي ڪيو

ڪاميٽي جي چيئرمين هدايت ڪئي ته ڪي اليڪٽرڪ اختياريون 2008 جي گردشي قرضن جا 58 ارب رپيا فوري واپس ڪري، ايندڙ اجلاس ۾ چيڪ کڻي اچن ايسٽ انڊيا ڪمپني نه بڻجن، پاور سيڪٽر ۾ گردشي قرضن جو بنياد ئي ڪي اليڪٽرڪ آهي، 2007 ۾ مجموعي گردشي قرض 105 ارب هو جنهن مان 77 ارب ڪي اي جو هو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here