گاجي کھاوڙ ۾ پي ٽي سي ايل عمارت وارو معاملو حل ٿي ويو

0
85

گاجي کھاوڙ ۾ پي ٽي سي ايل عمارت وارو معاملو حل ٿي ويو ، پي ٽي سي ايل عملدارن ايگريمينٽ ڪري ڇڏي
ميھڙ روڊ تي قائم پي ٽي سي ايل عملدارن عمارت جو معاھدو معزز شهري حاجي حسن علي کھاوڙ ڪري ڇڏيو

پي ٽي سي ايل لاڙڪاڻي جي آفيسر نبي بخش ، ايس ڊي ايم نصيرآباد جو نمائندو ايگريمينٽ کڻي گاجي کهاوڙ پهتا جتي ٻنهي ڌرين ايگريمينٽ تي صحيحون ڪري هڪٻئي حوالي ڪيون

لاڙڪاڻي ريجن جي پي ٽي سي ايل آفيسر جو چوڻ آهي ته سموري لکت قانوني گھرج پوري ڪري ايگريمينٽ حاجي حسن علي کهاوڙ حوالي ڪئي آهي
هن چيو ته اسين اڄ ميڊيا جي ڪجھ دوستن سان گڏ پورو ريڪارڊ کڻي پھتا آھيون، پي ٽي سي ايل جي عمارت تي ڪو به قبضو ناهي.
ان موقعي تي حاجي حسن علي کهاوڙ چيو ته ڪجهه ماڻهو اجائي واويلا ڪري رهيا هئا پر اسان پي ٽي سي ايل سان معاهدو ڪيو عمارت استعمال ڪريون پيا

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here