ناڻي واري وفاقي وزير ضمني مالياتي بل 2023ع قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ پيش ڪري ڇڏيو

0
94

 بل پيش ڪرڻ تان سينيٽ ۾ اپوزيشن طرفان سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو، جڏهن ته مخالف ڌر جي ميمبرن سينيٽ چيئرمين جي ڊائس جو گهيراءُ به ڪيو، ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي ناقص پاليسين سبب ملڪ کي نقصان پهتو ۽ رڪارڊ قرض کنيا

قومي اسيمبلي جو اجلاس مقرر وقت کان هڪ ڪلاڪ دير سان اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت هيٺ شروع ٿيو، جنهن دوران ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار ضمني مالياتي بل 2023ع ايوان ۾ پيش ڪيو

ان موقعي تي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار عوام کي سادگي اختيار ڪرڻ جو درس ڏيندي چيو ته لگزري شين تي جنرل سيلز ٽيڪس 17 مان وڌائي 25 سيڪڙو ڪرڻ ۽ شادي هالر جي تقريبن جي بلن تي 10 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز آهي، اهڙي ريت سگريٽ تي فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي جي شرح ۾ به واڌاري جي تجويز آهي

اسحاق ڊار چيو ته وفاقي حڪومت کي ان ڳالهه جو احساس آهي ته مهانگائي وڌيڪ آهي، ان لاءِ هُو جتن ڪري رهيا آهن ته غريب عوام تي گهٽ ۾ گهٽ بار پوي، انهي تناظر ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي وظيفي ۾ به واڌارو ڪيو پيو وڃي

ناڻي واري وفاقي وزير ان موقعي تي اڳوڻي حڪومت جي پاليسين کي پڻ تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ چيو ته پي ٽي آءِ جي ناقص پاليسين سبب ملڪ کي نقصان پهتو ۽ هُنن رڪارڊ قرض کنيا، جڏهن ته مسلم ليگ ن جي حڪومت جي ڊي پي ۾ 112 ارب ڊالر جو اضافو ڪيو

اسحاق ڊار چيو ته بجلي جي شعبي ۾ سڌارا سندن لاءِ اهم حيثيت رکن ٿا، عالمي مالياتي ادارن بجلي جي شعبي ۾ سڌارن لاءِ چيو آهي، موجوده حڪومت عمران حڪومت جي آءِ ايم ايف سان ڪيل واعدن کي نڀايو، جنهن جي هُو وڏي سياسي قيمت به ادا ڪري رهيا آهن

ناڻي واري وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته دوائن، پئٽرول ۽ اسپورٽس جون ايل سي کولڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، شروعاتي طور تي ترقي جي رفتار گهٽ هوندي پر بعد ۾ ان جي شرح 4 سيڪڙو تائين ويندي، وزيراعظم تمام جلد ضمني بل تي قوم کي اعتماد ۾ وٺندو

بعد ۾ ناڻي واري وزير سينيٽ ۾ به ضمني مالياتي بل 2023ع پيش ڪيو، جنهن تي اپوزيشن طرفان سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو، جڏهن ته مخالف ڌر جي ميمبرن سينيٽ چيئرمين جي ڊائس جو گهيراءُ به ڪيو اپوزيشن ميمبرن مالياتي بل جون ڪاپيون ڦاڙي حڪومت خلاف نعريبازي ڪئي، جڏهن ته سينيٽ چيئرمين پيش ڪيل بل فنانس بابت هيٺين ڪميٽي ڏانهن اماڻيندي ايوان جي ڪارروائي 23 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here