وزيراعظم شهباز شريف ۽ عوام طرفان فٽبال ورلڊ ڪپ جي ميزباني تي قطر جي امير کي مبارڪباد پيش

0
89

وزيراعظم شهباز شريف فٽبال ورلڊ ڪپ جي ميزباني تي قطر کي مبارڪون پيش ڪيون آهن.ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان ۽ عوام طرفان فٽبال ورلڊ ڪپ جي ميزباني تي قطر جي امير کي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ چيو ته قطر جي امير شيخ تميم بن حماد الثاني لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيان ٿو، ورلڊ ڪپ دوران دنيا قطر جي تاريخ، ثقافت ۽ مهمان نوازي جو بهترين تجربو ڪندي.هوڏانهن اڳوڻي وزيراعظم عمران خان به قطر ۾ فٽبال ورلڊ ڪپ لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته اهو پهريون ڀيرو آهي جو دنيا جي ان سڀ کان وڏي راندين جي ايونٽ جي ميزباني هڪ مسلمان ملڪ ڪري رهيو آهي.سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي پڻ قطر جي امير ۽ ٻي قيادت کي مبارڪون پيش ڪندي چيو ته قطر اسلامي دنيا جو واحد ملڪ آهي، جنهن ۾ پهريون ڀيرو فٽبال جو عالمي ڪپ ٿي رهيو آهي، اهو سڀني اسلامي ملڪن لاءِ اهم سنگ ميل آهي.، پاڪستاني قوم ۽ قيادت عالمي ايونٽ جي ڪاميابي لاءِ دعاڳو آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here