ٻين صوبن جي شاگردن کي سنڌ ۾ داخلا ڏيڻ تي پابندي خلاف درخواست منظور

0
84

سنڌ هاءِ ڪورٽ پرائيويٽ نرسنگ انسٽيٽيوشن ۾ سنڌ کانسواءِ ڊوميسائل رکندڙ شاگردن کي داخلا ڏيڻ تي پابندي خلاف درخواست منظور ڪري ورتي آهي

عدالت آل پاڪستان نرسنگ ايسوسيئيشن جي فوري ٻڌڻي جي درخواست منظور ڪري ڌرين کي 5 ڊسمبر جا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن

درخواستگذار موقف ڏنو آهي ته قانوني طور تي ملڪ جو شهري ڪهڙي به صوبي ۾ تعليم حاصل ڪري سگهي ٿو

درخواستگذار جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف جي کوٽ آهي ,ٻوڏ دوران سنڌ حڪومت پنجاب مان ڊاڪٽر ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف کي گهرايو، ٻين صوبن جا ڊوميسائل رکندڙ شاگردن کي داخلائون ڏنيون وڃن

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here