ملڪ ۾ مهانگائي وري وڌي وئي

0
97

ملڪ ۾ مسلسل پنجين هفتي مهانگائي جي شرح ۾ واڌ ٿي، هفتيوار مهانگائي جي شرح 0.62 سيڪڙو وڌي وئي، سالياني بنيادن تي مهانگائي جي شرح 28.67 سيڪڙو آهي

ڳڻپ کاتي هفتيوار مهانگائي جي حوالي سان رپورٽ جاري ڪئي آهي، جنهن موجب مهانگائي ۾ 0.62 سيڪڙو واڌ ٿي ۽ مجموعي طور تي ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح 28.67 سيڪڙو ٿي وئي آهي

ڳڻپ کاتي موجب گذريل هفتي 23 عام واهپي جي شين جا اگهه وڌيا ۽ 13 شين جي اگهن ۾ لاٿ ٿي، گذريل هفتي ڪڪڙ جو گوشت، بصر، بيضا، پٽاٽو، ڳاڙها مرچ، لوڻ ۽ ڪاٺيون مهانگيون ٿيون

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته گذريل هفتي ٽماٽو، مهري دال، گيهه، ماش جي دال، مڱن جي دال، ڪوڪنگ آئل، ٿوم ۽ ڪڻڪ جو اٽو سستو ٿيو

ڳڻپ کاتي جي رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته گذريل هفتي 15 عام واهپي جي شين جي اگهن ۾ استحڪام رهيو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here