ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن جي اڪثريت سنڌ ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ جي مخالفت ڪئي. ذريعن موجب گهرو وزير گورنر راڄ جي سمري پيش ڪئي، شيخ رشيد سميت ٻن وفاقي وزيرن گورنر راج جي حمايت ڪئي، جڏهن ته اڪثريت جو موقف هو ته گورنر راڄ لاڳو ٿيڻ سان قانوني پيچيدگيون پيدا ٿينديون.ذريعن جو چوڻ آهي ته اڪثريت جو خيال هو ته گورنر راڄ سان معاملو خراب ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته وزيراعظم عمران خان سنڌ ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ جي مخالفت ڪندي معاملي تي وڌيڪ غور ڪرڻ جي هدايت ڪئي