قومي اسيمبلي جي 8 ۽ صوبائي اسيمبلي جي 3 تڪن تي ضمني اليڪشن لاءِ تياريون مڪمل

0
92

قومي اسيمبلي جي 8 ۽ صوبائي اسيمبلي جي 3 تڪن تي سڀاڻي ضمني اليڪشن لاءِ تياريون مڪمل پولنگ مٽيريل، بيلٽ پيپرز، پولنگ بيگز ۽ پولنگ اسٽاف کي اڄ شام جو پولنگ اسٽيشنز تي سخت سڪيورٽي هيٺ پهچايو ويندو.قومي اسيمبلي جي 8 تَڪن، ملير، ڪورنگي، مردان، چارسده، پشاور، فيصل آباد ۽ ننڪانه صاحب سميت 3 صوبائي تَڪن، شيخوپوره، بهاوالنگر ۽ خانيوال ۾ ضمني اليڪشن سڀاڻي ٿيندي.رٽرننگ آفيسر جي آفيس مان ميٽريل جي ورهاست وارو ڪم جاري آهي، پولنگ اسٽيشن تي سڪيورٽي جا انتظام مڪمل ڪيا ويا.چيف اليڪشن ڪمشنر جي هدايت تي ڪراچي، لاهور، خيبرپختونخواهه ۽ اسلام آباد ۾ لاڳاپيل آفيسر ڪنٽرول روم کان پولنگ جي سامان جي ورهاست جي نگراني ڪري رهيا آهن.اڄ شام جو پولنگ اسٽيشنز تي پولنگ بوٿ به قائم ڪيا ويندا.ٻئي پاسي اليڪشن ڪميشن، چونڊ ڏهاڙي ڪنهن به قسم جي شڪايت کي اڪلائڻ لاءِ سينٽرل ۽ صوبائي سطح تي ڌار ڌار ڪنٽرول روم پڻ قائم ڪيا ويا آهن، جيڪي پولنگ جي ڏينهن صبح 7 وڳي کان نتيجو اچڻ تائين بنا وقفي وقفي جي ڪم ڪندا رهندا

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here