ڪراچي ۾ سٽي پوليس جون ڪارروايون، مختلف ڏوهن ۾ ملوث 17 جوابدار گرفتار

0
76

ڪراچي جي لياري واري علائقي ۾ پوليس مختلف ڏوهن ۾ ملوث 17 ڏوهارين کي گرفتارن ڪرڻ جي دعوا ڪري ڇڏي.ضلعي سٽي پوليس قتل، اسٽريٽ ڪرائم، موٽرسائيڪل لفٽنگ ۽ منشيات فروش ڪيسن ۾ گهربل 17 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.پوليس موجب گرفتار جوابدارن ۾ 1 قاتل، 2 اسٽريٽ ڪرمنل، 2 موٽرسائيڪل لفٽر، 9 منشيات فروش ۽ 2 جواري/جوا راند ڪندڙ جوابدار شامل آهن.پوليس موجب گرفتار جوابدارن ۾ جاويد، ياسر، ناصر، ڪرن، راحل، عدنان، شاهه جهان ۽ ٻيا شامل آهن.پوليس موجب گرفتار جوابدارن وٽان 1 پسٽل، 2 چوري جي موٽرسائيڪلون، 2 ڪلو کان وڌيڪ چرس، 180 گرام آئيس، 365 گرام هيروئن، 20 گرام ڪرسٽل، 5 هزارن روڪ تاش هٿ ڪيا ويا.پوليس جوچوڻ آهي ته گرفتار جوابدار پروفيشنل آهن ۽ ان کان اڳ به ڪيترن ئي ڪيسن ۾ گرفتار ٿي جيل وڃي چڪا آھن .پوليس موجب جوابدارن خلاف لاڳاپيل ٿاڻن ۾ ڪيس داخل ٿيل آهن وڌيڪ پڇا ڳاڇا جاري آھي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here