بلوچستان ۾ 24 ڪلاڪن دوران ٻوڏ سبب وڌيڪ هڪ ٻارڙو فوت، فوتين جو انگ 260 ٿي ويو

0
107

بلوچستان ۾ 24 ڪلاڪن دوران ٻوڏ سبب وڌيڪ هڪ ٻارڙو فوت، فوتين جو انگ 260 ٿي ويو آهي، صوبائي ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي موجب، فوتين ۾ 125 مرد، 59 عورتون ۽ 76 ٻارڙا شامل آهن، برساتن سبب ڪوئيٽا، بولان، زوب ۽ ٻين شهرن ۾ ماڻهو فوت ٿيا، 2 لک 59 هزار 63 جانور به مري ويا، زخمين ۾ 86 مرد، 35 عورتون ۽ 43 ٻارڙا شامل آهن، صوبي ۾ 63 هزار 68 گهرن کي نقصان پهتو، برساتن سبب 15 سئو ڪلوميٽر روڊن کي نقصان پهتو، مختلف علائقن ۾ 18 هزار گهر مڪمل طور تباهه ٿي ويا

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here