آرمي ايوي ايشن ۽ نيوي جا هيليڪاپٽر رليف سرگرمين ۾ رڌل،آرمي چيف ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪري جائزو ورتو

0
70

پاڪ فوج سول انتظاميه سان گڏجي ڪم ڪري پئي، آرمي ايوي ايشن ۽ نيوي جا هيليڪاپٽر رليف سرگرمين ۾ رڌل آهن، جي ايڇ ڪيو ۾ رٿيل يوم دفاع واري تقريب نه ٿيندي،“ ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته آرمي چيف ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪري جائزو ورتو ۽ متاثرن جي سهائتا جي هدايت ڪئي، پاڪ فوج ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ڪم کي ڊيوٽي بدران فرض سمجهي ادا ڪري رهي آهي، سڄي ملڪ ۾ 284 رليف ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن ۽ سڄي ملڪ ۾ پاڪ آرمي 147 رليف سينٽر قائم ڪيا ويا آهن، ميجر جنرل بابر افتخار موجب، هوائي فوج 1521 ماڻهن جون حياتيون بچايون آهن، خراب موسم ۽ ٻين چئلينجز باوجود جوانن ڀرپور آپريشن ڪيو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here