سپريم ڪورٽ جي جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي خلاف جڊيشل ڪائونسل ۾ ملڪيتن بابت ريفرنس داخل

0
52

ميان دائود ايڊووڪيٽ طرفان ريفرنس سيڪريٽري سپريم جڊيشل ڪائونسل ڏانهن اماڻيو ويو آهي

ريفرنس ۾ سپريم ڪورٽ جي جج ۽ سندس خاندان جي ملڪيتن جي جاچ ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي

ريفرنس ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته سپريم جڊيشل ڪائونسل جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي جي اثاثن جي جاچ ڪري، جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي جي اثاثن جي ماليت 3 ارب رپين کان وڌيڪ آهي، جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي وٽ فيڊرل ايمپلائيز هائوسنگ سوسائيٽي ۾ هڪ ڪينال جو پلاٽ آهي ريفرنس ۾ چيو ويو آهي ته جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي وٽ گلبرگ 3 لاهور ۾ 2 ڪنال 4 مرلي جو پلاٽ، سينٽ جان پارڪ لاهور ڪينٽ ۾ 4 ڪنال جو پلاٽ، گوجرانوالا الائيڊ پارڪ ۾ به سندس بي نامي ملڪيت آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here