مُنڇر تي پاڻي جو دٻاءُ، پاڻي ساڍا ٻاويهه فوٽن جي سطح تائين پهچي ويو، دٻاءُ سبب پاڻي دانستر واهه جي دروازن مٿان اوور فلو ٿي دانستر واهه ۾ وهڻ شروع ٿي ويو، دٻاءُ سبب دانستر واهه جو دروازو ٽٽڻ جو خدشو، جهانگارا کانپوءِ باجارا به ٻڏي ويو، باجارا جو سيوهڻ سان زميني رابطو ڪٽجي ويو، ڀرپاسي جا سوين ڳوٺ به پاڻيءَ هيٺ اچي ويا