منڇر ڍنڍ يا ايم اين وي ڊرين کي ڪٽ نه پيا ڏيون، افواهن تي ڌيان نه ڏنو وڃي

0
126

منڇر ڍنڍ يا ايم اين وي ڊرين کي ڪٽ نه پيا ڏيون، افواهن تي ڌيان نه ڏنو وڃي، دادو شهر کي به بچائينداسين، وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته منڇر ڍنڍ يا درياءَ جا بند ڪمزور ناهن، هن وقت سندن ڌيان پاڻي ڪڍڻ ۽ ريسڪيو تي آهي، پاڪ آرمي، پاڪ نيوي، پي ڊي ايم اي سنڌ حڪومت سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن، ريليف لاءِ يوٽيليٽي اسٽورز کي ساڍا 3 لک ٿيلهن جو آرڊر ڏنو آهي، ڪوشش آهي ته راشن هر گهر تائين پهچي، ٻوڏ ۽ برسات متاثرن جي بحالي لاءِ بعد ۾ ڪم شروع ڪيو ويندو، جن جا گهر ڊٺا آهن انهن جي سروي ڪري مدد ڪئي ويندي، وڏي وزير مراد علي شاهه سيوهڻ پهچي منڇر جي زيرو پوائنٽ ۽ ايم اين وي ڊرين سميت ڍنڍ جي سموري بند جو دورو ڪري صورتحال جو جائزو ورتو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here