باجوه کي ايڪسٽينشن نه ڏيڻ گهرجي ها، هوايڪسٽينشن وٺي بدلجي ويو: عمران خان

0
80

 اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اڳوڻي آرمي چيف جنرل (ر) قمر جاويد باجوا کي ڪڏهن به مون کي ايڪسٽينشن نه ڏيڻ گهرجي ها، ايڪسٽينشن ملندي ئي هو بدلجي ويو

نجي ٽي وي کي انٽرويو ۾ عمران خان جو چوڻ هو ته شروع ۾ شڪ هو، اسان کي سمجهه ۾ نه اچي رهيو هو، هڪ ڳالهه جنرل (ر) باجوا چوندو هو  هڪ گرائونڊ ۾ ٿي رهي هئي، ايجنسيز اسان جي ماڻهن کي ٽوڙينديون هيون، هو چئي رهيا هئا اسان نيوٽرل آهيون، اهو پلان 2021 جي گرمين ۾ ٺهي ويو هو، ان کانپوءِ ڪم شروع ڪيو ويو

هن چيو ته اسان جي هڪومت ۾ باجوا حسين حقاني کي هاير ڪيو، هن منهنجي خلاف آمريڪا ۾ مهم هلائي ته مان آمريڪا خلاف آهيان، حسين حقاني جو ٽويٽ به آهي، حسين حقاني سان سي آءِ جو به ڪو ماڻهو هو، اسان جي دور ۾ لوبيسٽ طور هاير ٿيو، هو آمريڪا ۾ منهنجي خلاف ڪم ڪري رهيو هو، ڊونلڊ لو جو جيڪو معاملو شروع ٿيو اهو اوڏانهن نه هتان شروع ٿيو

سندس چوڻ هو ته سڀ پلانڊ هو، مون کي ته اهو به سمجهه ۾ نه پئي آيو ته ڇا ٿيو آهي؟ اهو چوڻ شروع ٿي ويا ته مان فيض حميد کي آرمي چيف بڻائڻ چاهيان ٿو، 2021 جي گرمين ۾ مان ڪڏهن سوچيو به نه هو ته ايندڙ سال آرمي چيف ڪير هوندو، آهستي آهستي جڏهن اوهان ڏسندا آهيو ته سمجهه ۾ ايندو آهي ان پٺيان پورو هڪ پلان هو ۽ پلان اهو هو ته شهباز شريف کي آڻڻو آهي، مون کي هٽائڻو آهي

عمران خان چيو ته باپ ۽ ايم ڪيو ايم کي استيبلشمينٽ ڪنٽرول ڪندي هئي، انهن کي ڪيئن ڌڪيو ويو، شاهه زين بگٽي اسٽيبلشمينٽ جي مرضي کانسواءِ کاڌو نه کائيندو هو، اهو ويو تڏهن واضح ٿيويو، اسان کي آخر ۾ خبر پئي ته هي سندن پلان ٺهيل آهي، هڪ جنرل (ر) باجوا ايڪستينشن کان اڳ هو ۽ هڪ بعد ۾ هو، ايڪسٽينشن بعد هن اسيمبلي اندر سمورين پارٽين کي ملايو ۽ ن ليگ کي خاص طور تي آن بورڊ ورتو، تڏهن ئي سندس انڊر اسٽينڊنگ ٿي وئي هئي، هن جا ڪيسز به هٽي ويا

سندس چون هو ته اوچتو قمر جاويد باجوا چوڻ شروع ٿي ويو ڏسو، معيشت کي ٺيڪ ڪريو، احتساب وساريو، اين آر او جون ڳالهيون شروع ٿي ويون ته ڇڏيون، اوهان ڇو پويان پيا آهيو؟ سوديبازي اتي ٿي وئي هئي، سوديبازي اها هئي ته ڪيسز تان پوئتي هٽو، باجوا تي ڀروسو ڪندو هيس، جيتوڻيڪ آثار ٻيا به هئا، سوچڻو هو ته استيبلشمينٽ مون جيان سوچي ٿي، ان جو اسٽيڪ پاڪستان ۾ آهي

اڳوڻي وزيراعظم ٻڌايو ته آگسٽ ۾ قمر جاويد باجوا سان آخري ميتنگ ٿي، هن عجيب ڳالهه چئي، اوهان جي ماڻهن مٿان فائلون آهن، اوهان جي ماڻهن جون آڊيوز ۽ وڊيوز آهن، اوهان به پلي بواءِ هئا، ان تي مان چيو ته مان هيس، مان ته ڪڏهن نه چيو ته مان ڪو فرشتو هيس، گناهه گار ماڻهو هيس، مان پڇيو اسان جي ايجنسيز جو اهو ڪم آهي ماڻهن کي بليڪ ميل ڪرڻ لاءِ فائلون ٺاهيون وڃن؟ ته جيئن انهن کي ڪنٽرول ڪري سگهن تڏهن مان سمجهيو ته سندن سوچ اسان کي هٽائڻ لاءِ آهي

سندس چوڻ هو ته عوام ۾ اسان جي مقبوليت ڏسي باجوا کي پاليسي ري ورس ڪرڻ گهرجي ها پر مون کي حيرت هئي ته هو ان ئي پاليسي تي هلندو رهيو ۽ بجاءِ تبديل ڪرڻ جي هن سختيون ڪيون، ظلم ڪيو

سندس چوڻ هو ته جيئن ئي اسان کي هٽايو، مون تي هر روز ڪيسز تي ڪيسز ٺهڻ شروع ٿي ويا ۽ پوءِ آڊيوز نڪرڻ شروع ٿي ويون، وزيراعظم جي سيڪيور لائن ڪير ٽيپ ڪري رهيو هو؟ اهو آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ خلاف آهي، مون کي ڇا اين آر او ڏنو؟ مان ڇا چيو هو ته مون کي اين آر او ڏيو؟ ڪهڙيون شيون هيون جنهن تي مون کي ڪنهن بچايو هو؟ شريفن جا لنڊن ۾ فليٽس هئا، هتان چوري ڪري پيسا ٻاهر موڪليا ويا، لنڊن ۾ منهنجو هڪ فليٽ هو، ثاقب نثار جي عدالت اهو انويسٽيگيٽ ڪيو، مان ته حلال جي ڪمائي پاڪستان آڻي رهيو هيس

هن چيو ته قمر جاويد باجوا شهباز شريف جو ويجهو هو، اپريل ۾ جڏهن اسان جي حڪومت وئي ته پاڪستان ڪٿي بيٺو هو، حڪومت جي بهترين پرفارمينس هئي، اسان کي هٽايو ويو ۽ چورن کي مڙهيو ويو، پاڪستان اڄ ڊيفالٽ تيبيٺو آهي، ان سڄي صورتحال جو ته ذميوار ته هڪ ئي ماڻهو آهي، لبنان ۾ اهو ئي ٿيو مٿان ڪرپٽ ماڻهو ويٺا هئا ۽ ملڪ ڪمزور ٿي ويو

پي ٽي آءِ چيئرمين جو چون هو ته جيڪو آرمي چيف آهي اهو ئي اسٽيبلشمينٽ آهي، جيڪڏهن مون کي خبر هجي ها ته احتساب نه ڪندا ته ان ئي وقت اسيمبليون ٽوڙي ڇڏيان ها، باجوا کي مون کي ڪڏهن ايڪستينشن نه ڏيڻ گهرجي ها

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here