پاڪ فوج جو جابلو چاڙهو شهروز ڪاشف ۽ فضل علي جي ڳولا لاءِ ريسڪيو آپريشن جاري

0
102

پاڪ فوج جو جابلو چاڙهو شهروز ڪاشف ۽ فضل علي جي ڳولا لاءِ ريسڪيو آپريشن جاري آهي، آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته زميني ٽيم جبل چاڙهو نوجوانن جي ويجهو پهچي وئي آهي. آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان موجب موسم جي خرابي باوجود انتهائي خطرناڪ آپريشن کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. جبل چاڙهوئن جي جان بچائڻ لاءِ پاڪ آرمي ايوي ايشن جا هيلي ڪاپٽر ريسڪيو آپريشن ۾ رڌل آهن، آرمي ايوي ايشن جا هواباز، اوچائي تي ويندڙ پورٽرز، ريسڪيورز ۽ گرائونڊ سرچ ٽيمون ڪم ڪري رهيون آهن، پاڪ آرمي ايوي ايشن جي هوابازن جرئت مندانه ڪاوش ڪئي.هيلي ڪاپٽر وسيلي ڪڪرن ۽ اوچائي گهڻي هجڻ سبب جابلو چاڙهوئن کي کڻي نه سگهيا آهيون، پر زميني ٽيم سندن ويجهو پهچي وئي آهي.امدادي ٽيم هن وقت 21 هزار فوٽ جي بلندي تي ڪيمپ نمبر 3 وٽ موجود آهي.آرمي ايوي ايشن جا هيلي ڪاپٽر موسم جي صورتحال کي نظر ۾ رکي ٻيهر اڏام ڪندا

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here