مڪاني ادارن جي قانونن بابت سمورين سياسي پارٽين سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون:شرجيل ميمڻ

0
83

سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته مڪاني ادارن جي قانونن بابت سمورين سياسي پارٽين سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون، جماعت اسلامي جا ماڻهو سياسي پوانئٽ اسڪورنگ لاءِ الزام مڙهي رهيا آهن، ڪراچي جي هاڻوڪي بگاڙ ۾ مصطفيٰ ڪمال ۽ جماعت اسلامي به ملوث آهي، ايم ڪيو ايم سان اتحاد آهي، اُن جا جائز مطالبا مڃيا ويا آهن، ڪراچي ۾ برساتن جو سلسلو رڪجندي ئي روڊ رستن جي مرمت وارو ڪم شروع ڪيو ويندو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here