ڪراچي ۾ بجلي جو شارٽ 500 ميگا واٽ ريڪارڊ، مختلف علائقن ۾ ڊگهي لوڊشيڊنگ

0
88

ڪراچي ۾ بجلي جو شارٽ 500 ميگا واٽ ريڪارڊ، مختلف علائقن ۾ ڊگهي لوڊشيڊنگ، ڪيترن ئي علائقن ۾ ماڻهو گهرن مان نڪري آيا، ڪي اليڪٽرڪ خلاف سخت احتجاج، وڏي وزير جي هدايتن تي توانائي واري صوبائي وزير امتياز شيخ ڪي اليڪٽرڪ اختيارين جو اجلاس طلب ڪري ورتو، بجلي جي لوڊشڊنگ ۽ وقت بابت پُڇاڻو، وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ جي ڊگهي لوڊشيڊنگ سبب ڪراچي ۾ امن امان جو مسئلو پيدا ٿي رهيو آهي، بجلي بحران تي ضابطي لاءِ ڪي اليڪٽرڪ اختيارين سان ڳالهايو وڃي، عوام ڪيتري تڪليف ڀوڳي؟ سڌ سماءَ واري وفاقي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ پنهنجو سسٽم درست ڪري، لوڊشيڊنگ عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، ڪي اليڪٽرڪ شهر مان ڪمائي ۾ لڳي پئي آهي، کيس سسٽم تي خرچ ڪرڻ گهرجي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here