ڪراچي جي جڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت شاهد ۽ شاهدي پيش نه ڪرڻ جي معاملي تي اداڪارا جا 10 هزار رپين جي ماليت جا ضمانت جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا ۽ کيس گرفتار ڪري 15 فيبروري تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي
ايف آءِ اي موجب سنبل اقبال 2020 ۾ شڪايت داخل ڪرائي هئي، جنهن کانپوءِ نديم ڪياني ۽ ٻين خلاف پاڪستان اليڪٽرانڪ ڪرائم ايڪٽ تحت ڪيس داخل آهي
جوابدار جي وڪيل موجب سنبل اقبال نديم ڪياني ۽ ٻين خلاف ايف آءِ اي ۾ شڪايت داخل ڪرائي هئي ۽ نديم ڪياني ڪيس ۾ ضمانت ڪرائي آهي
اداڪارا الزام هنيو هو ته نديم ڪياني ۽ ٻين منهنجي خلاف سوشل ميڊيا تي مهم هلائي آهي
جوابدار جي وڪيل چيو ته اداڪارا شاهدي لاءِ عدالت ۾ پيش نه پئي ٿئي