ايف آءِ اي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ پنجاب جي وڏي وزير حمزه شهباز جي گرفتاري جي اجازت طلب ڪري ورتي

0
97

ايف آءِ اي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ پنجاب جي وڏي وزير حمزه شهباز جي گرفتاري جي اجازت طلب ڪري ورتي، لاهور جي اسپيشل ڪورٽ سينٽرل ۾مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي دوران دليل ڏيندي ايف آءِ اي جي پراسيڪيوٽر چيو ته شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي ضمانت واري درخواست رد ڪري گرفتار ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي، مني لانڊرنگ ڪيس ۾جوابدارن جو ڪردار وڌيڪ ثابت ٿيڻو آهي، ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر شهباز شريف ۽ حمزه شهباز خلاف ضمني چالان ۾ ولديت جا نالا درست ڪرڻ بعد جمع ڪرائي ڇڏيو، عدالت سلمان شهباز، طاهر نقوي ۽ ملڪ مقصود جا اڳ ئي وارنٽ جاري ڪري چڪي آهي، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 20 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here