سنڌ هاءِ ڪورٽ مڪاني چونڊون روڪرائڻ جي متحده جي درخواست رد ڪري ڇڏي

0
97

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي مڪاني چونڊون روڪڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي. اليڪشن ڪميشن جو ڪورم پورو نه ٿيڻ بابت ڪيس ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي مڪاني چونڊون روڪڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي.

اليڪشن ڪميشن جي وڪيل عبدالله هنجرا پنهنجي دليلن ۾ چيو ته اليڪشن ڪميشن قانون موجب چونڊون ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو، ان فيصلي جي بنياد تي ايم ڪيو ايم پاڪستان پهرين مرحلي ۾ حصو به ورتو. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته اليڪشن ڪميشن جي ڪورم بابت داخل درخواست تي تفصيلي دليل ٻڌڻ کانپوءِ فيصلو ڪيو ويندو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here