دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين پاڪ فوج جي جنگ جاري رهندي : آرمي چيف

0
54

آءِ ايس پي آر موجب، آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير پاڪ افغان سرحد تي اڳين مورچن جو دورو ڪيو ۽ وانا ۾ شهيدن جي يادگار تي گُلن جي چادر چاڙهي

پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي موجب آرمي چيف کي فارميشن هيڊ ڪوارٽرز ۾ تربيت ۽ سڪيورٽي معاملن ۽ نون ٺهيل ضلعن ۾ ترقياتي ڪمن تي بريفنگ ڏني وئي

آرمي چيف فارميشنز جي دهشتگردي خلاف ڪوششن توڙي ترقياتي منصوبن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ بهتر سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ تي فارميشنز جي ڪارڪردگي کي واکاڻيو

ان موقعي تي آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چيو ته ضم ٿيل ضلعن ۾ پائيدار امن، استحڪام ۽ ترقي لاءِ ترقياتي ڪم ضروري آهن، دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين پاڪ فوج جي جنگ جاري رهندي

آرمي چيف چيو ته پاڪستان جي شهيدن جي قربانيون ضايع نه وينديون، پاڪستان ۾ مڪمل امن جلد قائم ٿيندو فوجي ترجمان موجب، آرمي چيف رياست جي مختلف ادارن وچ ۾ هم آهنگي تي به زور ڀريو، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ عوام ۽ ادارن ۾ هڪجهڙائي جي تمام گهڻي ضروري آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here