اقتدار جي لالچ عمران خان کي ذهني مريض بڻائي ڇڏيو آهي:شرجيل انعام ميمڻ

0
105

اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته اقتدار جي لالچ عمران خان کي ذهني مريض بڻائي ڇڏيو آهي.شرجيل انعام ميمڻ عمران نيازي جو سياسي زوال هاڻي شروع ٿيڻ وارو آهي، کيس ماضي جي غلطين مان سبق سکڻ گهرجي.هن چيو ته عمران خان کي ماضي جي غلطين تي سبق سکي پنهنجو رويو سڌارڻ گهرجي.صوبائي وزير چيو ته عمران خان رڳو عوام کي خيالي خواب ڏيکاريا هڪ به واعدو وفا نه ڪيائين.شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عمران خان جي سياست ڪوڙ، ٺڳي ۽ دوکي تي ٻڌل آهي، عوام هاڻي اهڙن ڪوڙن کي رد ڪري چڪو آهي.اطلاعات واري صوبائي وزير چيو ته عمران خان جو سياسي گراف هاڻي ڪري رهيو آهي.هن چيو ته عمران خان پنهنجو اقتدار بچائڻ لاء هر سياسي جماعت کي منٿون ڪيون.صوبائي وزير چيو ته ڪوڙ جا پير ناهن هوندا، غلط بياني منافقت ۽ عوام سان ڪيل ڪوڙا واعدا عمران خان کي ايڪسپوز ڪري رهيا آهن.هن چيو ته سياست ۾ گاريون ڏيڻ جو بنياد عمران خان وڌو، جنهن کي روڪڻو پوندو، اقتدار جي لالچ عمران خان کي ذهني مريض بڻائي ڇڏيو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here