اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي هراسان ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

0
133

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي هراسان ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو، تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن جي درخواست تي عدالت آءِ جي اسلام آباد ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، چيف جسٽس اطهر من الله رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جو ڌرڻي بابت ڪيس جو فيصلو موجود آهي، ان جي روشني ۾ حڪم ڏينداسين، ڪجهه ڏينهن اڳ پارليامينٽ لاجز ۾ ميمبرن کي هراسان ڪيو ويو، اهو ته حڪومت کي ڏسڻو گهرجي جيڪو آئيني حق آهي پرامن طريقي سان ڏنو وڃي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here