اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ايندڙ عام چونڊن جي تياري شروع ڪري ڇڏي

0
110

اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ايندڙ عام چونڊن جي تياري شروع ڪري ڇڏي، ستين مردم شماري جا حتمي نتيجا بابت خط شماريات کاتي کي لکي ڇڏيو.اليڪشن ڪميشن مطابق ستين آدمشماري جو نتيجو 23فيبروري بدران 31 ڊسمبر 2022 تي جاري ڪيو وڃي.آدمشماري جي اعلان بعد اليڪشن ڪميشن کي نين تڪبندين لاءِ 4 مهينا ڏنا وڃن.ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن آڪٽوبر يا نومبر جي شروعات ۾ چونڊون ڪرائڻ لاءِ تيار آهي،ذريعن موجب 2017 جي آدمشماري مطابق سموري ملڪ ۾ تڪبنديون ڪيون پيون وڃن،ڪميٽي شروعاتي تڪبندي وارو مرحلو 24 مئي تائين مڪمل ڪري وٺندو.اليڪشن ڪميشن غير حتمي چونڊ لسٽون جاري ڪرڻ لاءِ ڊسپلي سينٽر به قائم ڪري ڇڏيا،ڊسپلي سينٽر 21 مئي کان 19 جون تائين کليل رهندا.ذريعن موجب 28 مئي تائين شروعاتي تڪبندين جي لسٽ جاري ڪئي ويندي، شروعاتي تڪبندين تي اعتراض 29 مئي کان 28 جون تائين جمع ڪرائي سگهبا…

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here