سنڌ سرڪار پاران صوبي ۾ غيرقانوني رهندڙ پرڏيهين کي واپس موڪلڻ جو فيصلو

0
686

سنڌ حڪومت صوبي ۾ غير قانوني طور رهندڙ پرڏيهين کي واپس موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي

سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل ميمڻ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته افغانين کي ملڪ بدر ڪرڻ لاءِ اسان کي جيڪو قانون ۽ آئين چوندو اهو ئي ڪنداسين ۽ جيڪو به ملڪ ۾ غير قانوني طور رهي پيو ان کي ملڪ بدر ڪنداسين

هن چيو ته ڪنهن به فرد کي ان وقت تائين جيل ۾ نٿو رکي سگهجي، جيستائين عدالت حڪم نه ڏئي ۽ 3 ڏينهن کان هڪ تصوير وائرل ڪئي پئي وڃي، جنهن بابت چيو ويو ته اها لانڍي ۽ وومين جيل جي آهي پر تصوير سنڌ جي ڪنهن به جيل جي ناهي، نه ئي افغان ٻار حراست هيٺ آهن

سندس چوڻ هو ته 129 پرڏيهي عورتون غير قانوني طور ترسيل آهن، عورتون پنهنجي ٻارن سان گڏ آهن پر ٻارن کي سار سنڀال لاءِ رکيو ويو آهي، قانون موجب ننڍي عمر جي ٻارن کي والدين سان گڏ جيل ۾ رکيو ويندو آهي پر اهي قيدي ناهن هوندا، ڪنهن به ٻار کي سزا ناهي ٿي ۽ عدالت کين والدين سان گڏ رکڻ جو حڪم ڏنو آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here