حڪومت پاران سوشل ميڊيا تي ڪردار ڪشي ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو، گهرو معاملن جي وفاقي وزير راڻا ثناءُ الله جي صدارت هيٺ اجلاس، وفاقي گهرو سيڪريٽري، ڊي جي ايف آءِ ۽ نادرا جو وقتي چيئرمين اجلاس ۾ شريڪ، سوشل ميڊيا تي شهرين جي ڪردار ڪشي ۽ هيسائڻ واري معاملي تي غور، توهين جوڳو مواد اپ لوڊ ڪرڻ ۽ اُن جي تشهير بابت اثرائتو قانون جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو، گهرو معاملن واري وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته شهرين جي ڪردار ڪشي ڪندڙن کي بخش نه ڪيو ويندو، سوشل ميڊيا تي غير اخلاقي ۽ توهين آميز مواد جي تشهير سان معاشري ۾ ڏڦيڙ ۽ بگاڙ جو خدشو آهي، اهڙين ڏوهن ۾ ملوث جوابدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي