عمران خان معيشت تمام خراب حالت ۾ ڇڏي ويو آهي:شيري رحمان

0
177

پيپلز پارٽي جي مرڪزي نائب صدر سيينٽر شيري رحمان چيو آهي ته ”عمران خان معيشت تمام خراب حالت ۾ ڇڏي ويو آهي، بحالي ۾ ڪجهه وقت لڳندو. ماحوليات جي وفاقي وزير شيري رحمان چيو آهي ته عمران خان پنهنجي حامين کي ڀڙڪائي رهيو آهي، پر پاڪستان کي هن وقت استحڪام جي ضرورت آهي.شيري رحمان موجب، هُو چونڊن لاءِ تيار آهن پر اُن کان اڳ چونڊ سڌارن ۽ اڳوڻي حڪومت جي غلطين کي صحيح ڪرڻ ضروري آهي،هن چيو ته هاڻوڪي حڪومت کي گهٽ وقت ۾ تمام گهڻن للڪارن کي منهن ڏيڻو آهي، اڳوڻي حڪومت پاڪستان کي آءِ ايم ايف جي تمام گهڻين شرطن ۾ ڦاسائي ڇڏيو آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here