ناڻي واري وفاقي وزير پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو

0
161

ناڻي جي وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته آءِ ايم ايف پاڪستان ۾ اسٽرڪچرل سڌارا چاهي ٿو، هُو متفق آهن ته اهي سڌارا ضروري آهن ۽ اُنهن کي تڪراري نه ٿيڻ گهرجي، آءِ ايم ايف چيو آهي ته پيٽرول تي سبسڊي نه ڏني وڃي، هُو آءِ ايم ايف پروگرام ٻيهر شروع ڪرڻ جا خواهشمند آهن، دوست ملڪ به چاهين ٿا ته پاڪستان جو آءِ ايم ايف پروگرام ٻيهر شروع ٿئي، تيل جي عالمي قيمتن پاڪستان لاءِ ڏکيائيون پيدا ڪيون آهن، ڪوشش آهي ته ذخيرن ۾ پنجاهه سيڪڙو اضافو ٿئي ۽ هُو پاڪستان کي ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ کان ٻاهر ڪڍڻ چاهين ٿا

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here