ڌمڪي وارو خط شاهه محمود قريشي پاڻ لکرايو: علي موسيٰ گيلاني

0
165

پ پ اڳواڻ علي موسيٰ گيلاني دعويٰ ڪئي آهي ته ڌمڪي وارو خط شاهه محمود قريشي پاڻ پرڏيهي آفيس جي سفارتڪار کان لکرايو هو.علي موسيٰ گيلاني جو چوڻ آهي ته پرڏيهي آفيس جي سفارتڪار شاهه محمود قريشي جي چوڻ تي خط لکيو ۽ پوءِ کيس موڪليو.هن چيو ته سفارتڪار کان خط ملڻ بعد شاهه محمود قريشي اهو عمران خان تائين پهچايو.علي موسيٰ گيلاني چيو ته هو ذاتي طور تي خط اسڪينڊل جي مڪمل حقيقتن کان آگاهه آهي، شاهه محمود قريشي ۽ پرڏيهي آفيس ان جعلسازي جا مک ڪردار آهن، ٻئي ليٽر گيٽ اسڪينڊل ۾ ڦاٿل آهن.پ پ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته عمران خان، شاهه محمود قريشي ۽ پرڏيهي آفيس ۾ ملوث ڪردارن کي اسڪينڊل مان نڪرڻ نه ڏنو ويندو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here