آءِ ايم ايف ڏکئي وقت ۾ پاڪستان جي مدد جي عزم جو اظهار ڪيو آهي
آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا جمعي تي وزيراعظم شهباز شريف کي ٽيليفون ڪري ٻوڏ سان ٿيندڙ نقصانن تي همدردي ۽ ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ۽ ڏکئي وقت ۾ پاڪستان جي مدد جي خاطري ڪرائي
شهباز شريف، ڪرسٽالينا جارجيوا جا ٿورا مڃيندي کيس جنيوا ۾ موسمياتي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني
هڪ تقريب سان خطاب ڪندي وزيراعظم تصديق ڪئي ته کيس آءِ ايم ايف سربراهه فون ڪئي، جنهن ۾ مان واضح ڪري ڇڏيو ته هاڻ اسان پنهنجي عوام تي وڌيڪ بار نٿا وجهي سگهون
شهباز شريف موجب مان ڪرسٽالينا جارجيوا کي چيو ته آءِ ايم ايف وفد کي ڳالهين لاءِ پاڪستان موڪليو ۽ ايندڙ ٽن کان چئن ڏينهن ۾ ڳالهيون شروع ٿيڻ جو امڪان آهي ن