وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو پهريون اجلاس ،وفاقي ڪابيناکي ملڪي معاشي صورتحال تي بريفنگ

0
104

وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو پهريون اجلاس ٿيو،وفاقي ڪابيناکي ملڪي معاشي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي.ڪابينا کي آگاهي ڏني وئي ته جي ڊي پي شرح 2017-18ع ۾ 6.1سيڪڙو هئي، 2021-22ع ۾ 4 سيڪڙو آهي. مهانگائي جي شرح 2018ع ۾ 3.9 هئي، 2022ع ۾ 10.8 سيڪڙو آهي، کاڌي پيتي جي شين ۾ مهانگائي جي شرح 2018ع ۾ 2.3سيڪڙو هئي.وفاقي ڪابينا کي کاڌي پيتي جي شين ۾ بابت بريفنگ ڏيندي آگاهي ڏني وئي ته مهانگائي جي شرح 2022ع ۾ 10.2سيڪڙو آهي، بجيٽ خسارو 2018ع ۾ 260 ارب رپيا هو. بجيٽ خسارو 2021-22ع ۾ 5600 ارب رپيا آهي، عوامي قرض 2018ع ۾ 24هزار 913 ارب رپيا هئا

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here