گڊو ۽ سکر بيراج ۾ مٿانهين درجي جي ٻوڏ سبب ڊرينيج جو سسٽم ڪم نه پيو ڪري: بلاول ڀٽو زرداري

0
83

پرڏيهي معاملن واري وزير ۽ پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ سکر هوائي اڏي تي ڊونر ايجنسين جي عملدارن ۽ سفيرن جو اجلاس، وڏو وزير مراد علي شاهه، وفاقي وزير خورشيد شاهه، ڊي جي ايف ايم او آفتاب چوڌري، مختلف ملڪن جا سفارتڪار، گڏيل قومن ۽ ٻين ادارن جا نمائندا به شريڪ، اجلاس ۾ ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته برساتن سبب پورو پاڪستان بري ريت متاثر ٿيو، گڊو ۽ سکر بيراج ۾ مٿانهين درجي جي ٻوڏ سبب ڊرينيج جو سسٽم ڪم نه پيو ڪري، ڪچا توڙي پڪا گهر ٻڏي ويا آهن، ماڻهو بي گهر ٿيا آهن، 3 لک 35 هزار ملين جا فصل تباهه ٿي ويا، اجلاس ۾ ڳالهائيندي بلاول ڀٽو چيو آهي ته صوبي ۾ روڊ نيٽ ورڪ ختم ٿي ويو آهي، تعمير لاءِ 860 ملين رُپيا خرچ ٿيندا، زراعت، روڊ نيٽ ورڪ، ماڻهن جو روزگار بحال ڪرڻو آهي، زراعت بحال ڪرڻ لاءِ زرعي مشينري جي ضرورت پوندي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here