عمرڪوٽ جي مختلف علائقن ۾ ڊينگي بخار جي ڪيسن ۾ واڌ ٿيڻ لڳي، ٻارن سميت چئن ڄڻن ۾ ڊينگي جي تصديق ڪئي وئي آهي.ڊينگي بخار جي مريضن ۾ ڪيول اوڏ، گڊو ميگهواڙ ۽ رمضان سميت 4 ڄڻا شامل آهن. رهواسين جو چوڻ آهي ته گندگي ۽ مڇرن جي آزار سبب ڊينگي بخار جا ڪيس تيزي سان وڌڻ لڳا آهن، ٽائون انتظاميا پاران مڇر مار اسپري شروع ناهي ڪرايو ويو