ڪراچي يونيورسٽي ڌماڪو پاڪ چين دوستي تي حملو آهي:راڻا ثناءُ الله

0
82

وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته ڪراچي يونيورسٽي ڌماڪو پاڪ چين دوستي تي حملو آهي، ان کي پوري قوت سان منهن ڏنو ويندو.اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته ڪراچي يونيورسٽي ڌماڪي جي ذميوارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو.هن چيو ته پاڪستان چيني ڀائرن سان مڪمل طور تي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهي.گهرو وزير چيو ته هو لاڳاپيل اختيارين سان ملاقات ڪري حقيقتون معلوم ڪندا ۽ عظيم دوست چين کي دهشتگردي جي جاچ بابت مڪمل آگاهه ڪندا.راڻا ثناءُ الله وڌيڪ چيو ته چيني شهرين جي سيڪيورٽي جو ٻيهر جائزو ورتو ويندو ۽ سڪيورٽي جو ڀرپور جائزو وٺڻ بعد موثر قدم کنيا ويندا

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here