جيڪي ادارا تڪراري رهيا اهي هاڻ پنهنجي آئيني ڪردار ڏانهن وڌي رهيا آهن: بلاول ڀٽو زرداري

0
100

پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اقتدار جي منتقلي وارو عمل جلد مڪمل ڪيو وڃي. قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته گذريل مهيني ۽ ڪجهه ڏينهن کان اسيمبلي کان مذاق ڪيو ويو، پارليامينٽ جي توهين ٿيندي رهي.آئين سان جنهن طريقي کيڏيو ويو ان سان جڳ کليو ۽ سموري دنيا ۾ پاڪستان جي بدنامي ٿي.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سليڪٽيڊ کي ڪيرايو ويو هاڻ ملڪ ۾ اتحادي حڪومت آهي، جيڪا عوام جي واحد اميد آهي.پيپلز پارٽي چيئرمين چيو ته ڪا به اهڙي طاقت نه آهي جيڪا پاڪستان جي ترقي کي روڪي سگهي، گذريل ڪجهه ڏينهن کان پاڪستان جي اميج کي نقصان پهچايو ويو.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ”سڀ پارٽيون وزيراعظم ڏانهن ڏسي رهيون آهن، گذريل ڪجهه ڏينهن کان ايوان جو مذاق اڏايو ويو،“ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي چيو آهي ته ادارا تڪراري بڻجڻ بدران آئيني بڻجن، بلاول ڀٽو زرداري بلقيس ايڌي جي لاڏاڻي تي قومي اسيمبلي ۾ تعزيتي قرارداد به پيش ڪئي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here