صدر آرٽيڪل 48 تحت آرمي چيف بابت ايڊوائيز واپس موڪلي سگهي ٿو:قانوني ماهر

0
142

اسلام آباد: قانوني ماهرن جو چوڻ آهي ته صدر آرٽيڪل 48 تحت آرمي چيف جي مقرري جي ايڊوائيس واپس موڪلي سگهي ٿو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار ايسوسئيشن جي صدر شهيب شاهين چيو آهي ته وزيراعظم نئين آرمي چيف لاءِ ليفٽيننٽ جنرل عاصم منيز کي نامزد ڪري ٿو ته اهو غيرقانوني ۽ غيرآئينيي هوندو، اهو ان ڪري غلط هوندو ته نئين آرمي چيف جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جنهن ڏيڻ لاڳو ٿيندو،ان ڏينهن سندس نوڪري ۾ رهڻ ضروري آهي.

هن چيو ته جنرل باجوه گذريل سال فيبروري تائين سياست ۾ فوج جي مداخلت مڃي ورتي آهي، گذريل 7، 8 سالن مهينن جو ڪنڊيٽ ڏسجي ته ڇا اسان چئي سگهون ٿا ته سياست ۾ مداخلت ختم ٿي وئي آهي، نئين آرمي چيف لاءِ سڀ کان وڏو چيلنج معيشت جي بحالي هوندو، فوج جنهن ڏينهن حقيقي طور غيرسياسي ٿي ويندي، ان ڏينهن ملڪ ۾ سڪون اچي ويندو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here