وفاقي ڪابينا جوڙڻ لاءِ ن ليگ قيادت پيپلزپارٽي کان نالا گهري ورتا

0
101

ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلزپارٽي جي سي اي سي اجلاس مان ڪابينا بابت منظوري ورتي ويندي.ذريعن موجب پيپلزپارٽي جي سي اي سي وفاقي ڪابينا ۾ شامل اڳواڻن جي نالن جي منظوري ڏيندي.ذريعن موجب خورشيد شاهه، حنا رباني کر، سليم مانڊوي جا نالا شامل ڪرڻ جو به امڪان آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته پ پ پنجاب ۽ ڪي پي مان اڻ چونڊيل اڳواڻ به خاص مددگار ۽ صلاحڪار طور شامل ڪيا ويندا.پيپلزپارٽي يک پرڏيهي وزارت، انساني حق ۽ پيٽروليم واري وزارت به ملڻ جو امڪان آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here