منهنجو حق آهي ته پنهنجي ضمانت بابت عدالت کي حقيقتون ٻڌايان: وزيراعظم شهبازشريف

0
85

منهنجو حق آهي ته پنهنجي ضمانت بابت عدالت کي حقيقتون ٻڌايان وزير اعظم شهباز شريف مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالت ۾ بيان ڏيندي چيو آهي ته ايف آءِ اي جو به اهوئي ڪيس آهي جيڪو نيب ٺاهيو آهي، سندس خلاف آشيانه اسڪيم ۽ رمضان شگرملز ڪيس جوڙيا ويا، آشيانه ڪيس ۾ اختيارن جي ناجائز استعمال جو الزام مڙهيو ويو، لاهور هاءِ ڪورٽ تفصيلي فيصلو ڏئي چُڪي آهي، نيب واري سپريم ڪورٽ ويا، نيب جي عقوبت خاني ۾ ٻه ڀيرا ايف آءِ اي جاچ ڪئي، ضمانت جو معاملو عدالت ۾ ويو ته چئن ججن سندس حق ۾ فيصلو ڏنو، چئن ججز چيو ته ڪرپشن، مني لانڊرنگ ۽ بي نامي ملڪيتن جون ڪي شاهديون ناهن مليون، اُن کان وڌ عزت جي ڳالهه ڪهڙي هوندي ته هُو ميرٽ تي بري ٿيو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here