ڪراچي ۾ مڪاني چونڊن ،سڪيورٽي پلان جاري

0
84

ڪراچي پوليس شهر ۾ سڀاڻي رٿيل مڪاني چونڊن لاءِ سڪيورٽي پلان جاري ڪري ڇڏيو،پوليس ترجمان  جو چوڻ آهي ته  اليڪشن ڪميشن ڪراچي پوليس جا 43 هزار 605 کان وڌيڪ اهلڪار سڪيورٽي فرض انجام ڏيندا

پوليس ترجمان طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته اوڀر زون ۾ سترنهن هزار پنج سئو اٺاسي آفيسر ۽ اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن، جن مان ضلعي اوڀر ۾ ڇهه هزار پنج سئو ٽيٽيهه اهلڪار، ملير ۾ چار هزار اٺ سئو 37۽ ڪورنگي ۾ ڇهه هزار ٻه سئو ارڙهن اهلڪار سڪيورٽي جا فرض سرانجام ڏيندا

پڌرائي موجب، ڏکڻ زون ۾ يارنهن هزار ڇهه سئو ستاويهه آفيسر ۽ اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن، جن مان ضلعي ڏکڻ ۾ 2 هزار هڪ سئو 55، ضلعي سينٽر ۾  چار هزار 5 سئو 58 ۽ ڪياماڙي ۾ چار هزار نوَ سئو 14 اهلڪار ڊيوٽي ڏيندا

اهڙِي ريت ويسٽ زون ۾ 14 هزار ٽي سئو 90 آفيسر ۽ اهڪار مقرر ڪيا ويا آهن، جن  مان  سينٽرل ضلعي ۾  نوَ هزار 6 سئو 72، اولهه ضلعي ۾ چار هزار 7 سئو 18 اهلڪار مقرر هوندا

پوليس ترجمان موجب، چونڊن دوران ڪراچي ۾ چار هزار نوَ سئو ستانوي پولنگ اسٽيشنز تي ڇويهه هزار 50 پوليس اهلڪار اليڪشن ڊيوٽي سرانجام ڏيندا پوليس ترجمان  چيو ته ڪراچي ۾ رينجرز جا پنج سئو اهلڪار ۽ ايف سي جا ٻه سئو اهلڪار پڻ اليڪشن ڊيوٽي تي مقرر هوندا، ڪراچي پوليس عوام جي جان ۽ مال کي محفوظ بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here