سنڌ جي مختلف شهرن ۾ چوماسي جي برسات

0
87

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ چوماسي جي برسات، ڪراچي جي مختلف علائقن ملير، گلشن حديد، گهگهر ڦاٽڪ، اسٽيل ٽائون، پورٽ قاسم، گلستان جوهر، گڏاپ، نيو ڪراچي، سپر هاءِ وي ۽ ٻين علائقن ۾ برسات، جيڪب آباد، دوداپور، قمبر، شهدادڪوٽ، ميرو خان، بهرام، باڊهه، مدئجي، ڪنڌڪوٽ، ڳڙهي ياسين، قاضي احمد ۾ پلر پلٽي پيا، خيرپور، ميهڙ، گاجي کهاوڙ، ڳڙهي خيرو، تنگواڻي، ٺڪراٺو، ٺل، درياءَ خان مري، ڪوٽ لالو ۾ برسات کانپوءِ هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا، غوثپور، ٽنڊو مستي، مورو، احمد پور، گمبٽ، سلطانپور، فقير آباد، پنو عاقل، نوشهروفيروز، ڪنب، پڊعيدن، ٺٽو، گهارو، مٺياڻي، کهڙا، ڀريا سٽي، جمال شاهه ۾ به مينهن پيو، ڪاڇي جي شهرن واهي پانڌي، ٽنڊو رحيم خان ۽ ٻين علائقن ۾ برسات سبب شهرين جي چهرا ٻهڪي پيا، شڪارپور ۾ اڌ ڪلاڪ جي برسات شھر کي ٻوڙي ڇڏيو، مک روڊن جماڻي ھال، لکيدر، ھزاريدر،سويدر، صدر، ڳڙھي ياسين روڊ تلاءَ جا ڏيک ڏيڻ لڳا، برسات سبب گرمي جو زور ٽٽي ويو، مجموعي طور موسم خوشگوار ٿي ويئي، ڪيترن ئي علائقن ۾ برسات جي ڦڙي پوندي ئي بجلي بند ٿي ويئي،

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here