بلوچستان جي شيراني واري علائقي ٻيلي کي لڳل باهه وسامي نه سگهي

0
114

بلوچستان جي شيراني واري علائقي ٻيلي کي لڳل باهه وسامي نه سگهي، ايران حڪومت پاران اسپيشل فائر فائٽنگ ٽينڪر جهاز پاڪستان موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب ايران کان ايندڙ اسپيشل فائر فائٽنگ ٽينڪر جهاز اڄ پاڪستان پهچندو، جهاز باهه متاثر علائقن مٿان پاڻي ڇڻڪار ڪرڻ جي خصوصي صلاحيت رکندڙ آهي، پاڪستان سول ايوي ايشن اٿارٽي جهاز کي خصوصي اجازت نامو فراهم ڪندي.سول ايوي ايشن اٿارٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته اسپيشل فائر فائٽنگ ٽينڪر جهاز بلوچستان جي ٻيلن ۾ لڳل باهه تي ضابطو آڻڻ لاءِ آپريشن ۾ حصو وٺندو.سول ايوي ايشن اٿارٽي ايران جي جهاز کي خصوصي فضائي روٽ به جاري ڪندي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here