ٻن ڪلاڪن کان وڌيڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ برداشت نه ڪندس:وزيراعظم شهباز شريف

0
91

وزيراعظم شهباز شريف پاران ملڪ بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ تي ڪاوڙ جو اظهار، وزيراعظم شهباز شريف توانائي کاتي جي آفيسرز کي ڇنڊ پٽيندي چيو آهي ته ڪجهه به ڪيو ٻن ڪلاڪن کان وڌيڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ برداشت نه ڪندس، وزيراعظم جي صدارت هيٺ لوڊشيڊنگ بابت هنگامي اجلاس ۾ وزيراعظم کي بجلي جي لوڊشيڊنگ جي سببن ۽ خاتمي لاءِ ڪيل ڪوششن بابت بريفنگ ڏني وئي، ذريعن موجب اجلاس م وزيراعظم کي بريفنگ ڏني وئي ته رڳو 2 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، جنهن تي وزيراعظم شهباز شريف توانائي کاتي جي آفيسر کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته ڪوڙ ڳالهائڻ بند ڪيو ملڪ ۾ 10 ڪلاڪ کان وڌيڪ لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، وضاحتون بعد ۾ ڏجو، پهرين بجلي جي لوڊشيڊنگ تي ڪنٽرول ڪري ٻن ڪلاڪن کان وڌيڪ نه ڪئي وڃي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here