گمبٽ ۾ گمس اسپتال جي بهتر ڪارڪردگي سبب مريضن جي رش لڳل آهي: مراد علي شاهه

0
138

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ گمبٽ کي هيلٿ سٽي جو درجو ڏيڻ بابت اهم اجلاس  ٿيو، اجلاس ۾ صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو، يونيورسٽيز اينڊ بورڊز واري صوبائي وزير اسماعيل راهو، چيف سيڪريٽري، جي ڊي گمبٽ آف ميڊيڪل سائنس، سيڪريٽري صحت ۽ ٻين شرڪت ڪئي

اجلاس کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته وڏي وزير سيد مرادعلي شاهه جو چوڻ هو ته گمبٽ ۾ گمس ادارو موجود آهي، گمس جي بهتر ڪارڪدگي سبب مريضن جي رش لڳل آهي، هو چاهين ٿا ته اتي صحت جون وڌيڪ سهولتون فراهم ڪيون وڃن

هن چيو ته گمبٽ ۾ فيملي ڪلينڪ، بون ميرو ٽرانسپلانٽ، پولي ڪلينڪ، ڪميونٽي اسپتال سميت ٻيون سهولتون فراهم ڪيون وينديون

سندس چوڻ هو ته سياحت جي پوائنٽ آف ويو کان به گمبٽ اهم ٿي ويندو گمبٽ ۾ جنهن هنڌ هيلٿ سٽي قائم ڪري رهيا آهيون  اتان روهڙي ڪينال گذري رهيو آهي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صحت واري سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته گمبٽ هيلٿ سٽي لاءِ ڪنلسٽنٽ هائير ڪيو وڃي، وڏي وزير اين اي ڊي يونيورسٽي جي وي سي کي هدايت ڪئي ته گمبٽ ۾ بايو ميڊيڪل ڪاليج قائم ڪيو وڃي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here