صدر پاڪستان سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 6  ايڊيشنل ججز جي مقرري منظوري ڏئي ڇڏي

0
46

صدر پاڪستان ڊاڪٽر عارف علوي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 6 ايڊيشنل ججز جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي

صدر پاران امجد علي ٻوهيو،  محمد عبدالرحمان ۽ خادم حسين سومرو کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ايڊيشنل جج طور مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن ته ٽنهي ججز کي هڪ سال لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي

جڏهن ته ارباب علي هاڪڙو، جواد اڪبر سروانا ۽ ثنا اڪرم منهاس کي به هڪ سال لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ايڊشنل جج مقرر ڪيو ويو آهي صدر پاڪستان ججز جي مقرري جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 175 اي تحت وزيراعظم جي ايڊوائس تي ڏني آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here