ڪراچي: سنڌ جي مهان ڏاهي ڪوي شيخ اياز جي وڇوڙي کي 25 ورهيه وهامي ويا، محبوب شاعر جي اڄ ورسي ملهائي پئي وڃي، ان سلسلي ۾ شيخ اياز کي مُلڪ جي مختلف شهرن ۾ ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ تقريبون رٿيل آهن، جڏهن ته چاهيندڙ کيس شاعري زريعي خاص ڀيٽا پيش ڪري رهيا آهن،
20 هين صديءَ جي سنڌي ادب ۾ پيد ٿيل وڏن شاعرن ۾ شيخ اياز جو نالو چمڪندڙ ستاري وانگر نروار نظر اچي ٿو. شيخ اياز کي سنڌي شاعريءَ جي ماضيءَ جو تسلسل، حال جو ترجمان ۽ مستقبل جو رهبر شاعر قرار ڏنو وڃي ٿو، هن سنڌي شاعريءَ جي بيٺل تلاءَ ۾ تحرڪ پيدا ڪري ڪيئي نوان لاڙا متعارف ڪرايا.
مها ڪوي شيخ اياز جو اصل نالو شيخ مبارڪ علي هو، پر شعر ۽ ادب جي دنيا ۾ هو ’اياز‘ جي نالي سان مشهور ۽ مقبول ٿيو. شيخ 2 مارچ 1923ع تي سنڌ جي تاريخي شهر شڪارپور ۾ شيخ غلام حسين جي گهر ۾ جنم ورتو. شيخ اياز شروعاتي تعليم تائين شڪارپور ۾ حاصل ڪئي جڏهن ته انٽرميڊئيٽ پڻ شڪارپور جي سي ائنڊ ايس ڪاليج مان 1942ع ۾ ڪيائين. اياز 1944ع ۾ ڊي، جي سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ بي، اي جو امتحان پاس ڪري 1945ع ۾ ايل، ايل، بي ۾ داخلا ورتي، ڪاليج جي تعليم دوران هو ڪاليج مئگزين جو ايڊيٽر به رهيو.
هن ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ جي رهبريءَ ۾ پي.ايڇ. ڊي ڪرڻ چاهي، پر ڊاڪٽر صاحب جي ديهانت سبب مڪمل نه ڪري سگهيو. 1950ع ۾ ايل، ايل، بي کانپوءِ وڪالت شروع ڪيائين ۽ سنڌ جي ناليوارن وڪيلن ۾ ڳڻيو ويو. شيخ اياز سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي بانيڪارن مان هو ان کانسواءِ’ انجمن ترقي پسند مصنفين‘ سان به سلهاڙيل رهيو.
شيخ اياز ورهاڱي کانپوءِ ’پاڪستان رائٽرز گلڊ‘ ۽ سائين جي، ايم، سيد جي قائم ڪيل ’بزم صوفياءِ سنڌ‘ سان به گهري لاڳاپي ۾ رهيو. شيخ اياز ننڍپڻ ۾ شاعريءَ جي شروعات ڪئي ۽ سندس پهريون نظم يارهن سالن جي عمر ۾ ڇپيو هو. شيخ اياز شاعريءَ سان گڏ ڪهاڻيون به لکيون، سندس ڪهاڻين جو پهريون ڪتاب ’سفيد وحشي‘1946ع ۾ ڇپيو، جڏهن نثر ۾ به شيخ اياز پنهنجو مٽ پاڻ هو، ساهيوال جي جيل ڊائري سندس نثر جي بهترين ڪتابن مان هڪ آهي.