عمران نيازي جي حڪومت خلاف عدم اعتماد جو ووٽ غير معمولي واقعو هو: شهباز شريف

0
152

وزيراعظم جو عهدو سنڀاليندي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته جڏهن هن اقتدار سنڀاليو ته صورتحال تمام ڏکي هئي، کيس ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏيڻو پيو

وزيراعظم چيو ته عمران نيازي جي حڪومت خلاف بي اعتمادي جي رٿ جي ڪاميابي غير معمولي واقعو هو، ان جو ڪارڻ رڳو اهو ناهي ته بي اعتمادي رٿ جي ڪاميابي بعد پي ڊي ايم اقتدار ۾ آئي، پر هي اهو موقعو هو، جڏهن پاڪستان جي لڳ ڀڳ سمورين سياسي قوتن گڏجي غير مقبول حڪومت کي آئيني طريقي سان هٽائڻ لاءِ پارليامينٽ جو فورم استعمال ڪيو

هن وڌيڪ چيو ته مختلف منشور رکندڙ جماعتن قومي مفاد تي يڪجهتي جو مظاهرو ڪيو، جيڪا ملڪ ۾ سياسي انقلاب طرف اهم اڳڀرائي هئي، ڇڪتاڻ جي ابتڙ اها سياسي مصالحت ۽ سهڪاري سياست جي نئين دور جي شروعات هئي

شهباز شريف چيو ته عمران خان جي وڇايل بارودي سُرنگهن ۽ عالمي تيل توڙي عذائي شين جي سپلاءِ لائين ۾ رنڊڪن باوجود ملڪي معيشت ۾ بهتري جاري آهي، ڏيوالي ڏيڻ جون سموريون اڳڪٿيون غلط ثابت ٿيون، ملڪي معيشت کي بحال ڪرڻ لاءِ حڪومت مخلصاڻيون ڪوششون ڪري رهي آهي وزيراعظم وڌيڪ چيو ته پي ڊي ايم حڪومت ۾ پاڪستان گري لسٽ مان نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here