اسلام آباد پوليس عمران خان جي جڊيشل ڪمپليڪس ۾ پيشي جي موقعي تي ڪارڪنن پاران سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ جي رپورٽ تيار ڪري ورتي

0
117

رپورٽ موجب فيصل آباد پوليس ڪانسٽيبلري جي 2 بسن جا شيشا ٽوڙيا ويا، چکوال پوليس جي بس جو سائڊ شيشي ٽوڙيو ويو، اسلام آباد پوليس جون 12 گاڏيون جزوي يا مڪمل طور تي تباهه ٿي ويون

پوليس رپورٽ موجب سڪيورٽي ڊويزن جي 2 پڪ اپ، جيمرن سان ڀريل لينڊ ڪروزر کي نقصان پهتو، قيدين جي ٽن وين جي دروازن ۽ فرنٽ اسڪرينن کي نقصان پهتو رپورٽ موجب باهه لڳڻ سبب 2 پڪ اپ، 2 موٽرسائيڪلون ۽ هڪ ڪار سڙي رک ٿي وئي، اي پي سي جي پاسي جي ونڊوز ۽ سيفٽي جا شيشا ٽٽي ويا

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here