پنجاب حڪومت ۽ تحريڪ انصاف وچ ۾ معاهدو طئي ٿي ويو

0
55

ذريعن موجب پنجاب حڪومت ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ معاهدو لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرايو ويو

معاهدي تحت تحريڪ انصاف وارنٽ مڪمل ڪرڻ ۽ سرچ وارنٽس لاءِ پوليس سان سهڪار ڪندي، پي ٽي آءِ 14 ۽ 15 تي داخل ٿيندڙ ڪيسن جي جاچ ۾ سهڪار ڪندي

معاهدي موجب طئي ٿيو آهي ته جلسو 21 مارچ تي ٿيندو ۽ ڊي سي لاهور کي باقاعدي طور درخواست ڏني ويندي، ڊپٽي ڪمشنر پي ٽي آءِ جي جلسي جي درخواست کي قانون موجب ڏسندو، زمان پارڪ جي اندر پرسنل ۽ پرائيويٽ سيڪيورٽي جي آڊٽ ڪري سگهبي، ضرورت پوڻ تي ڊي آءِ جي سيڪيورٽي بانڊ وٺڻ جو مجاز هوندو ذريعن موجب پوليس طرفان ايس ايس پي عمران ڪشور فوڪل پرسن هوندو، جڏهن ته تحريڪ انصاف طرفان شبلي فراز ۽ علي خان کي فوڪل پرسن مقرر ڪيو ويو آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here