لاهور هاءِ ڪورٽ عمران خان جي دهشتگردي جي ڪيسن ۾ حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي

0
54

جسٽس طارق سليم شيخ ۽ جسٽس فاروق حيدر تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ عمران خان طرفان دهشتگردي جي ڪيسن ۾ داخل حفاظتي ضمانت بابت درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي

عمران خان جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته 5 ڪيس اسلام آباد ۾ ۽ 3 ڪيس لاهور ۾ داخل آهن، عمران خان لاڳاپيل عدالتن ۾ پيش ٿيڻ چاهي ٿو پر ڪجهه ڪيسن جا تفصيل اسان وٽ ناهن

جسٽس طارق سليم شيخ ريمارڪس ڏنا ته اسان انهن ئي ڪيسن کي ڏسنداسين، جن جون درخواستون اسان وٽ آهن، اسان توهانک ي بلينڪٽ بيل نٿا ڏئي سگهون

عمران خان عدالت ۾ بيان ڏنو ته ايترا وڌيڪ ڪيس آهن سمجهه ۾ نٿو اچي، هڪ ۾ ضمانت وٺون ته ٻئي ۾ پرچو اچي ويندو آهي، منهنجي گهر تي اهڙو حملو ٿيو جهڙو اڳ ۾ نه ٿيو، جنهن تي جسٽس طارق سليم شيخ چيو ته جيڪڏهن توهان سسٽم سان گڏ هلندئو ته ٺيڪ رهندو آهي، توهان کي پنهنجي معاملن تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي

عمران خان چيو ته مان ڪچهري ۾ سيڪيورٽي سبب عدالت کي شفٽ ڪرڻ جو چيو، اهو ته ڊيٿ ٽريپ آهي، مان چيو هو مناسب سيڪيورٽي ڏيو، جنهن تي جسٽس طارق سليم چيو ته خان صاحب! ان ڪيس کي توهان جي طرفان غلط هينڊل ڪيو ويو آهي

عمران خان جي وڪيلن عدالت کي ٻڌايو ته هيل تائين پي ٽي آءِ چيئرمين تي 94 ڪيس ٿي چڪا آهن، 6 ٻيا ڪيس ٿي ويا ته سينچري ٿي ويندي، اها نان ڪرڪيٽ سينچري هوندي

ٻه رڪني بئنچ عمران خان جي دهشتگردي ٽوڙ قلمن تحت ڪيسن ۾ حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي، عدالت ايندڙ جمعي تائين عمران خان جي حفاظتي ضمانت منظور ڪئي لاهور هاءِ ڪورٽ دهشتگردي جي 8 ڪيسن ۾ عمران خان جي حفاظتي ضمانت 24 مارچ تائين منظور ڪئي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here